حب پاور پلانٽ

حب پاور پلانٽ

حب پاور پلانٽ

حب پاور پلانٽ: بلوچستان جي حب نديءَ تي قائم ٿيندڙ ’حب پاور اسٽيشنڏکڻ ايشيا ۾ نجي شعبن جي تعاون سان قائم ٿيڻ وارو پهريون ۽ سڀ کان وڏو توانائيءَ جو منصوبو آهي. هيءَ پلانٽ پاڪستان ۾ سڄي دنيا جي سرمائيڪارن ذريعي مالي وسيلا مهيا ڪرڻ ۾ سڀني کان وڏي اسٽيشن
آهي، هن ۾ هڪ لک پاڪستاني ۽ غير ملڪي حصا آهن. هن جو نالو ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج کانسواءِ لڪسمبرگ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به درج آهي. هن منصوبي هيٺ جون 1996ع ۾ 300 ميگا واٽ جي پهرين
پاور اسٽيشن ڪم شروع ڪيو هو، جڏهن ته 900 ميگاواٽ بجلي توانائي مارچ 1977ع ۾ ممڪن بڻائي وئي. حب پاور اسٽيشن واپڊا جي تعاون سان 1200 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري رهيو آهي. ان کان سواءِ حب پاور ڪمپنيءَ جي نالي سان ڪراچي ۾ ڪلفٽن ويجهو قائم ادارو پڻ بجلي جي پيداوار ۽ سپلاءِ جي مد ۾ خدمتون سر انعام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو